ٽيڪم آفتاب

ٽيڪم آفتاب: ٽيڪم مٺارام آسوداڻي ” آفتاب “ 7 جون 1938ع تي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي ، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو . هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت وسايائين . هن وقت بئرا ڳڙهه ڀوپال ۾ رهي ٿو . ٽيڪم ” آفتاب “ ڀارت ۾ سنڌي توڙي اردو شاعريءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي . سندس ڪلام وقت به وقت مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو . ڪجهه ناٽڪ به لکيا اٿس ، جيڪي آل انڊيا ريڊيي تان نشر ٿيندا رهن ٿا . پاڻ ڪيترو وقت ” اباڻا “ ۽ ” مشعال “ ٽه ماهي رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو . سندس ڪلام جو مجموعو ” ڪاغذ ڪلام “ 1987ع ۾ ڇپيو . سندس ڪلام ۾ شاعراڻيون سڀئي وصفون موجود آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو